اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي چئن اسڪولن تي اسرائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غزه جي ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ اتي پناهه وٺندڙ درجنين عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ سهولتن کي انڌاڌنڌ نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اسرائيلي قابض فوج هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي طرز عمل جي توهين جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي انساني قانون جي انهن واضح خلاف ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عالمي انساني ۽ انساني حقن جي قانون جي واضح خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Landmine injures local in Kurram Agency
-
Bilawal condemns arrest of Kashmiri leader
-
Pakistan starts fencing of Afghan border in trouble zones
-
Poets, writers protest against Shikarpur AC over Ajrak Club issue
-
موبائل آلات کے لیے ٹاپ 10 سلاٹ کیسینو گیمز
-
جیک پاٹ انعامات اور اردو سلاٹ گیمز کا شاندار امتزاج
-
سلاٹ ریویو 2025: ٹیکنالوجی اور معاشی ترقی کا نیا دور
-
چھوٹے شرطوں کے لیے بہترین سلاٹس کا انتخاب
-
مفت سلاٹ گھماؤ بغیر رجسٹریشن کے آن لائن گیمز کی دنیا
-
کھیل تھیم سلاٹ کھیل تفریح اور جیت کا نیا تجربہ
-
بہترین سلاٹ مشین کی حکمت عملی
-
وائکنگ سلاٹ گیمز کی دنیا