اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ڪو??ت ۽ اطلاعات واري وزارت ورڪنگ جرنلسٽس جي پويان بيٺل آهي، پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ ??ڪو??ت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي، اڳوڻي ??ڪو??تي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ ماڻهو پاران سرڪاري وسيلن ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي. اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي تياري ۾ صحافتي تنظيمن سميت سمورن صحافتي گروپن سان مشاورت ڪئي وئي، هن چيو ته ماضي ۾ صحافين کي مافياز جي هٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ هاڻي ??ڪو??ت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميدارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرورت آهي، صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته پاڪستان ۾ پريس کي آزادي حاصل ن?? آهي، اسان پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ فرسٽ ورلڊ سان ڪندا آهيون جڏهن ته حقيقت ۾ اسان وٽ ميڊيا کي فرسٽ ورلڊ کان به وڌيڪ آزادي حاصل آهي، هن چيو ته اڳوڻي ??ڪو??تي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري رقم ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي، ??ڪو??ت ان ڏس ۾ جاچ ڪري رپورٽ عوام جي سامهون پيش ڪندي، ان موقعي تي راولپنڊي اسلام آٻاد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ورڪنگ جرنلسٽس جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع منظور ڪرائڻ تي ??ڪو??ت خاص طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڪو??شن کي ساراهيو. آر آءِ يو جي اڳوڻي ??ڪو??ت دور ۾ من پسند صحافين ۽ مخصوص ميڊيا هائوسز کي نوازڻ جي حوالي سان مريم نواز جي اعتراف ۽ قدمن جي مذمت ڪئي. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، وفاقي وزير انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ هر ممڪن حل جي خاطري ڪرائي. آر آءِ يو جي جي وفد جي قيادت آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) لوڪل جي چيئرمين ۽ آر آءِ يو جي جي جنرل سيڪريٽري محمد صديق انظر ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ آر آءِ يو جي جي وقت صدر رانا رضوان، عثمان خان، فرحت فاطمه ۽ ميڊيا ورڪرز آرگنائيزيشن جي صدر ڪليم شميم سميت ٻين تنظيمن جا عهديدار به شامل هئا.
متعلقہ مضامین
-
ایم جی آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
PG سافٹ ویئر آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے
-
جیا الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ: ایک قابل اعتماد ویب سائٹ
-
Senior police officer removed for damaging departments repute
-
Quetta blast widely condemned
-
Imran condemns terror attack in Mardan
-
No one is ready to own Karachi
-
Recklessly driven truck penetrates home, crushes two girls
-
گیلی الیکٹرانکس کی سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ آپ کے الیکٹرانک آلات کی ضروریات کا حل
-
کیلونگ آفیشل گیم فورم: گیمنگ کمیونٹی کا بہترین پلیٹ فارم
-
این ایس الیکٹرانک ریلائیبلٹی انٹرٹینمنٹ اے پی پی کی مکمل تفصیل
-
UG سپورٹس ریلیبلٹی انٹرٹینمنٹ ایپ کا تعارف اور خصوصیات